Ticker

6/recent/ticker-posts

سنڌ پروگريسو ڪاميٽي طرفان احتجاجي مظاھرو



21/02/2021- نوابشاھ 
سنڌ پروگريسو ڪاميٽي طرفان ڌارين جي آبادڪار
ڪراچي جي آدمشماري ۾ ٿيل ڦيرڦار خلاف پريس ڪلب نوابشاھ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن پنھنجي تقريرن ۾ مقامي مسئلي حد دخلين خلاف ٿيندڙ آپريشن جي خلاف بہ شديد احتجاج ڪندي چيو تہ اينٽي انڪروچمينٽ ۽ ايريگيشن کاتي طرفان ٿيل ان آپريشن ۾ فقط پورھيتن جا گھر ڊاھي پٽ ڪيا ويا آھن ۽ حڪمران طبقي سان وابستہ وڏيرن جي ڪاروبار ۽ پيٽرول پمپن کي جيڪي فيصلي موجب شاخن واھن جي مقرر ڪيل حدن جي اندر ٺھيل آھن انھن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويو آهي ان سان گڏ مطالبو ڪيو تہ آپريشن ۾ جيڪڏھن پورھيت طبقي جي ماڻھن جا گھر ڊاھيا ويا آهن تہ جاگيردارسرمائيدار طبقي جي ماڻھن کان بہ تمام سرڪاري زمينون خالي ڪرايون وڃن
 


Post a Comment

0 Comments