ڪراچي (14.03.2021) اڄ صبح جو پريہ ڀاڻيج ريجھومل ء آزاد ڀيمون جي فيڪٽري مان ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، سنڌ سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ء ڪامريڊ اظھر سان گڏجي زون جي ٺيڪيدارن محترم واشومل گنڍير ء اشوڪ ڪمار خميساڻي پنوار جي دعوت تي زون پھتاسين جتي ٻنھي ميزبانن وڏي احترام سان خوش آمديد ڪيو ء مقرر جاء تي وٺي آيا
جيئن تہ ڪلاڪ بعد ٻئي ھنڌ منعقد ميٽنگ م پھچڻو ھو تنھنڪري اڄ تڪڙ م پھچندي ئي مزدور ساٿين کي ڪٺا ڪرڻ جي التجا ڪئي سون جيڪا قبول ڪئي ويئي
ٺيڪيدارن جي سڏ تي فيڪٽري م موجود سوين ٽيلر ماسٽر ڪٺا ٿي ويا جن سان ڪامريڊ امداد قاضي، ڪامريڊ اقبال، ڪامريڊ اظھر ء مون سنڌ ھاري ڪاميٽي جي نظرئي، منشور، عمل، ڪاميابين ء ايستاء جي ڪارڪردگي سميت مختلف موضوعن متعلق تفصيلي گفتگو ڪرڻ بعد ٻيھر رات رھي ڪچھري ڪرڻ جي واعدي بعد روانگي ڪئي سون.
آ مَرڻو ھرڪنھن ماڻھو کي پر ايئن نہ مرنداسي ساٿي
ڪو آڳ لڳائي وينداسي ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسي
شُڪريہ ادائي: آء بيحد ٿورائتو آھيان ٿر ڄاون محبتي ماڻھن، ٺيڪيدارن ء مزدور اڳواڻن محترم واشومل گنڍير ء اشوڪ ڪمار خمیساڻي پنوار جو جن نہ فقط مثالي آڌرڀاء ڪيو پر پنھنجن پورھيتن کي سڏي اسان جون ڳالھيون غور سان ٻُڌيون ء ھارين، مزدورن ء مظلومن طبقن جي مسئلن جي حل لاء تعاون ء جدوجھد م ساٿ نڀائڻ جو يقين ڏياريو.
اڃا بہ پنڌ پيچرا اڃا بہ ڊوھ ڪيترا
گُھمن پيا نانگ بُرا بُرا ۽ بي وڙا
اڃا بہ ڏنگ پيا ھڻن پوء بہ لڄ ڪانہ ٿن
اڃا بہ ڏاڍ پيو ڏجھي اڃا بہ ماس پيو رجهي
اڃا بہ رڻ گجي گجي
اچو تہ ڪجھ ڪجي ڪجي
0 Comments